اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي تجويز جي حق ۾ نه آهيان، سنڌ هائوس ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ميثاق جمهوريت جي روح جي منافي آهي، اڄ 90ع جي ڏهاڪي ج?? سياست کي ورجايو پيو وڃي، پارليامينٽ جي محافظن جي هٿان جيڪڏهن پارليامينٽ کي نقصان پهچي ته اهو ئي چيو ويندو ته ان گهر کي باهه لڳي وئي گهر جي ڏيئي مان. ملڪ?? سياسي صورتحال جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته هر ميمبر باوقار ماڻهن جو چونڊيل آهي ۽ هو پنهنجي ضمير موجب پنهنجو فيصلو ڪرڻ جو پابند آهي. ڪو فيصلو ڪرڻ کان پهرين انهن اميدن کي ذهن ۾ رکڻو پوندو ته جيڪي تڪ جي عوام چونڊڻ کان پهرين توهان سان وابسته ڪيون. هن چيو ته اڄ 90ع جي ڏهاڪي ج?? سياست کي ورجايو پيو وڃي، انهي طرز سياست جي خلاف ميثاق جمهوريت آندو ويو هو پر سنڌ هائوس ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ميثاق جمهوريت جي روح جي منافي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي تجويز جي حق ۾ نه آهيان، هن چيو ته اڄ وزيراعظم ع??ران خان جي صدارت ۾ پوليٽيڪل ??مي??ي جو اجلاس آهي، آئون ماضي جي تجربن جي روشني ۾ اتي به پنهنجو موقف پيش ڪندس، پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت هن وقت تائين ان مبينه ”حادثاتي ميزائل فائر“ جو تسلي بخش جواب ناهي ڏنو، افغانستان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، يوڪرين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سان معيشت تي وڌيڪ بار پوندو، انهن حالتن ۾ غير يقيين صورتحال پيد ڪرڻ، جمهوريت جي مفاد ۾ نه آهي نه ئي معيشت جي مفاد ۾ آهي نه ئي پاڪستان جي عوام جي مفاد ۾ آهي، اهي ماڻهو جيڪي اقتدار جو هوس لاءِ ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن انهن کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
متعلقہ مضامین
-
CM launches scheme to give 1,000 tractors to farmers
-
Riffat Mukhtar and Waqar Syed appointed to strengthen Pakistan’s cybersecurity and investigation efforts
-
Poliovirus found in environmental samples from 20 districts
-
Gilani calls for united efforts to achieve SDGs
-
میجک لنکس زیوس آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
Savior سرکاری تفریحی لنک
-
SC to hear Asia Bibi’s blasphemy appeal on Oct 13
-
ANF seizes 9.895 tonnes of drug, arrests 32 including 4 women
-
ECL case: SHC chief justice to decide Ayyan Alis fate
-
PTIs case is based on lies- Tariq Fazal Chaudhry
-
Markets in Parachinar remain closed as city mourns blast victims
-
CM Murad inaugurates Thatta-Sujawal Bridge on River Indus