اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پ??جا?? کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 26 فوتگيون ٿيون جنهن مان 8 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 919 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 30 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، ملتان 77 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان ملتان ۾ 31 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو، صوابي ۾ 34 سيڪڙو ۽ فيصل آباد ۾ 34 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 45 هزار 619 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 631، پنج??ب ۾ 21 هزار 261، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 79، اسلام آبا?? ۾ 4 هزار 744، بلوچستان ۾ 724، گلگت بلتستان ۾ 535 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 645 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 11 لک 84 هزار 527 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 373 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 43 هزار 648 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 56 هزار 233 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 316، بلوچستان ۾ 33 هزار 40، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 341، اسلام آباد ۾ هڪ لک 5 هزار 983، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 75 هزار 358، پنج??ب ۾ 4 لک 35 هزار 40 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 62 هزار 155 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 28 هزار 58 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 474 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. پنج??ب ۾ 12 هزار 757 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 مريض اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 623 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 930 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ ڪل 349 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 186 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 739 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 97 لک 82 هزار 491 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 2 هزار 867 مريض علاج هيٺ آهن.
متعلقہ مضامین
-
Experts urge advocacy for HPV vaccine uptake after Sindh govt rollout
-
Memon blasts PTI for ‘politicizing’ security issues, skipping NA moot
-
Wealth Forging کے سرکاری تفریحی لنک
-
Baccarat Imandaar Satta App: Aap Ka Bharosemand Gaming Experience
-
252 militants killed, 160 injured in last phase of Zarb-e-Azb: ISPR
-
Sri Lankan minister accepts Nisars invitation to visit Pakistan
-
PM directs NDMA to speed up relief work in Chitral
-
Zulfiqar Ali’s relatives express joy as his execution is halted
-
Pakistan demands UK govt to shut down MQMs office
-
Two policemen among three killed in Lower Dir
-
Experts say Pakistan spending lowest on health
-
Drug abuse at peak in Quaid-i-Azam University